بابر اعظم آمريڪا ۾ اردو سان محبت جو عملي ثبوت ڏنو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آمريڪا جي دوري دوران قومي ٻولي اردو سان عملي محبت جو ثبوت ڏنو.

بابر اعظم هارورڊ يونيورسٽي جي اردو ۾ پروگرام لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي بابر اعظم چيو ته هو هن پروگرام لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهي، سکيا جو عمل ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ننڍي توڙي وڏي ڄمار ٻنهي ۾ سکندا آهيون ڇو ته سکڻ جو عمل ڪڏهن ختم ناهي ٿيندو.

بابر اعظم پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوانن کي گهرجي ته هو پاڻ تي يقين رکن ۽ سڌي رستي تي هلن، ڇو ته هن وقت اسان مختلف رخن ۾ وڃي رهيا آهيون، اسان کي بزرگن جي ڏنل نصيحتن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

Read Previous

آءِ سي سي چيئرمين پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو

Read Next

پاڪستان پاران آءِ سي سي جي مالياتي ماڊل تي خدشن جو اظهار

Most Popular