مشهور پلي بيڪ سنگر ڪي ڪي جَي وڇوڙي کي هڪ سال وهامي ويو

بالي ووڊ جي ڪي ڪي جي نالي سان مشهور پلي بيڪ سنگر ڪرشنا ڪمار ڪناٿ کي مداحن کان وڇڙي هڪ سال گذري ويو.

ته ڪرشن ڪمار ڪانٿ (ڪي ڪي) گذريل سال هڪ ڪنسرٽ ۾ پرفارمنس کانپوءِ دل جو دورو پوڻ سبب 53 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو هو.

هن کي ڪلڪتي جي هڪ ڪاليج ۾ ڪنسرٽ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي، لائيو پرفارمنس دوران به بيمار ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي. جنهن تي کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

ڪي ڪي جي ورسي جي موقعي تي سندس هم خيال گلوڪار شان تازو هڪ انٽرويو دوران پنهنجي گهڻي وقت ۽ مرحوم دوست کي ياد ڪندي چيو ته ڪي ڪي هندستان جي بهترين گلوڪارن مان هڪ هو، اسان ٻئي هڪ خاندان وانگر هئاسين، مون کي ياد آهي جڏهن هو مون کي مليو.

Read Previous

عامر خان مڇون ۽ وار وڌڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

آءِ سي سي چيئرمين پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو

Most Popular