پاڪستان پاران آءِ سي سي جي مالياتي ماڊل تي خدشن جو اظهار

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي آفيسرن جو اجلاس نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيو.

ذريعن موجب پي سي بي ۽ آءِ سي سي وچ ۾ ورلڊ ڪپ 2023ع جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

پاڪستان ورلڊ ڪپ جون ميچون هائبرڊ ماڊل تحت ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي، پاڪستان آءِ سي سي جي مالياتي ماڊل تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آءِ سي سي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پاڪستان کان اطمينان حاصل ڪرڻ جي مشن تي آهي.

Read Previous

بابر اعظم آمريڪا ۾ اردو سان محبت جو عملي ثبوت ڏنو

Read Next

بابر ۽ رضوان کي پڙهندي ڏسي مداحن جا دلچسپ تبصرا

Most Popular