انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ ڪجهه پئسا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 11 رپيا سستو ٿي ويو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 27 پئسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 285 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.
ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 47 پئسا تي بند ٿيو.
ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 11 رپيا 50 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 299 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.
ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 311 رپين تي بند ٿي ويو.