سعودي عرب جي آبادي 3 ڪروڙ 21 لک کان وڌي وئي

رياض مان سعودي عرب جي شماريات واري کاتي پاران 2022ع تائين جي آبادي جي انگن اکرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

عرب ميڊيا موجب ڪل آبادي ۾ سعودي شهرين جو انگ 188 ملين آهي.

سعودي شماريات واري کاتي جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي ڪل آبادي ۾ مردن جو انگ 19.7 ملين آهي، جڏهن ته عورتن جو انگ 12.5 ملين آهي.

راڄڌاني وارو شهر رياض آبادي جي لحاظ کان سعودي عرب جو سڀ کان وڏو شهر آهي.

شماريات کاتي موجب آبادي جي لحاظ کان جده ٻيو نمبر، مڪي ٽيون، مديني چوٿون ۽ دمام پنجون نمبر وڏو شهر آهي.

شماريات کاتي موجب 2010ع جي انگن اکرن موجب سعودي عرب جي آبادي 24 ڪروڙ هئي، شماريات واري کاتي موجب 2010ع کان 2022ع تائين سعودي عرب ۾ آبادي جي سالياني واڌ جي شرح 2.5 سيڪڙو هئي.

Read Previous

آمريڪا ۽ چين جي بچاءَ وارن وزيرن جي ملاقات نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي، انٽوني بلاڪن

Read Next

سنڌ حڪومت جو ٻيهر ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ چين سان رابطو

Most Popular