آمريڪا ۽ چين جي بچاءَ وارن وزيرن جي ملاقات نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي، انٽوني بلاڪن

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين جي بچاءَ واري وزيرن جي ملاقات نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي.

سويڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڀ کان خطرناڪ ڳالهه رابطي جي کوٽ آهي.

آمريڪا هن هفتي سنگاپور سيڪيورٽي فورم جي موقعي تي دفاعي وزيرن جي اجلاس جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي چين رد ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته هلندڙ هفتي سنگاپور ۾ سيڪيورٽي فورم جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي ۽ چيني بچاءَ جا وزير شرڪت ڪندا.

Read Previous

ڪم جونگ ان جي خراب صحت بابت ڏکڻ ڪوريا جي وڏي دعويٰ

Read Next

سعودي عرب جي آبادي 3 ڪروڙ 21 لک کان وڌي وئي

Most Popular