پاڪستان ۾ ٻه طرفي ڪرڪيٽ لاءِ پي سي بي جا قدم ساراهه جوڳا آهن: گريگ بارڪلي

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي چيئرمين گريگ بارڪلي چيو آهي ته پاڪستان اچڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، پاڪستان ۾ ٻه طرفي ڪرڪيٽ لاءِ پي سي بي جا قدم ساراهه جوڳا آهن.

آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جيف ايلڊريس جو لاهور جو ٻن ڏينهن وارو دورو پڄاڻي تي پهتو آهي.

گريگ بارڪلي ۽ جيف ايلڊريس ٻن ڏينهن جي دوري دوران نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي، لاهور فورٽ، لاهور ميوزيم، مينار پاڪستان ۽ سيف سٽي اٿارٽي جو دورو ڪيو.

آءِ سي سي جي چيئرمين گريگ بارڪلي جو چوڻ آهي ته سندس خيال آهي ته آءِ سي سي جي سمورن ميمبر ملڪن جو دورو ڪري ڏسان ته هر ميمبر ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ۽ ان جا انتظامي معاملا ڪيئن هلايا وڃن ٿا، ان جي دائري هيٺ هر ميمبر ملڪ کي هلايو پيو وڃي، ڇو ته هر ملڪ جي سائيز، معيشت ۽ ڪرڪيٽ جي درجه بندي ٻين کان مختلف آهي..

گريگ بارڪلي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي سهولتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هتي ڪرڪيٽ جي حوالي سان سهولتون ۽ پروگرام تمام بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

هن اميد ظاهر ڪئي ته اسان پاڪستان جي مرد ۽ عورت ڪرڪيٽرن کي ايندڙ سطح تي ڏسنداسين ۽ ڪمرشل نقطه نظر کان به ان جا هاڪاري اثر پوندا.

Read Previous

وزيراعظم پابندي پاران مڙهيل تنظيم بي اين اي جي باني کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ ايس آءِ جي تعريف

Read Next

پاڪستان آءِ سي سي کان چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي اچڻ جي ضمانت طلب ڪري ورتي

Most Popular