عثمان بوزدار جو سياست تان هٿ کڻڻ جو اعلان

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ عثمان بوزدار جو چوڻ آهي ته ضمير مطمئن آهي، هن نيڪ نيتيءَ سان پنجاب جي عوام جي خدمت ڪئي، 9 مئي جو واقعو قابل مذمت آهي، مان ان جي مذمت ڪريان ٿو.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 14 مهينن کان مختلف عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان.

سردار عثمان بوزدار اهو به چيو آهي ته هو اڳ به فوج سان گڏ هو ۽ مستقبل ۾ به رهندو.

Read Previous

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ميچز نه ٿي سگهنديون

Read Next

پاناما پيپرز ۾ 436 ماڻهن خلاف جاچ، سراج الحق جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

Most Popular