پاناما پيپرز ۾ 436 ماڻهن خلاف جاچ، سراج الحق جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما پيپرز ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل بينچ 9 جون تي ٻڌڻي ڪندي.

سپريم ڪورٽ جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جي درخواست تي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

2016ع ۾ سراج الحق پاناما پيپرز ۾ شامل 436 پاڪستانين خلاف جاچ جي درخواست ڪئي هئي.

ان حوالي سان امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي 436 ڌرين جي درخواست آهي، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ آهي ته پاناما پيپرز ڪيس ۾ رڳو نواز شريف کي سزا ڏني وئي، ٻين کي به سزا ملڻ گهرجي.

سراج الحق جو اهو به چوڻ آهي ته جن ماڻهن جو پئسو ٻاهر آهي انهن کي واپس آندو وڃي، ان پئسي سان ڊيم ٺاهڻ گهرجي.

Read Previous

عثمان بوزدار جو سياست تان هٿ کڻڻ جو اعلان

Read Next

اٽلي سعودي عرب کي هٿيار وڪرو تي پابندي ختم ڪري ڇڏي

Most Popular