ڀارتي رياست مني پور ۾ فرقيواريت جي بنياد تي ڏڦيڙ ٻيهر ڀڙڪي پيا

ڀارتي رياست مني پور ۾ فرقيواريت وارا ڏڦيڙ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب 28 مئي تي مني پور جي 5 علائقن ۾ شرپسندن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿيا.

رپورٽن موجب مني پور ۾ ڀارتي فوج جي وڏي نفري مقرر ڪندي انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي پر ان باوجود صورتحال قابو ۾ ناهي اچي سگهي.

ڀارتي ميڊيا موجب مودي حڪومت مني پور ۾ ڪرفيو دوران گوليون هلائڻ جا به حڪم ڏئي ڇڏيا آهن.

انهن فسادن جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مني پور ۾ 3 مئي کان جاري وڳوڙن ۾ 80 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

Read Previous

بي جي پي اسيمبلي ميمبر به عورت ريسلرز جي احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي

Read Next

سنڌ جي مڪاني ادارن پاران پراپرٽي ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان

Most Popular