سنڌ جي مڪاني ادارن پاران پراپرٽي ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان

سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ کاتي پراپرٽي ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري نجم شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن 30 جون تائين پراپرٽي ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو ته ملڪيت ضبط ڪري نيلام ڪري سگهجي ٿي.

600 اسڪوائر فوٽ جي فليٽ ۽ 120 گز تائين جا گھر پراپرٽي ٽيڪس کان آجا آهن.

هن چيو ته رهائشي گهرن تي ٽيڪس ڇوٽ رڳو مالڪ جي ذاتي استعمال لاءِ هوندي.

لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته پراپرٽي ٽيڪس هر سائيز جي ڪرائي تي ڏيڻ تي لاڳو ٿيندو.

Read Previous

ڀارتي رياست مني پور ۾ فرقيواريت جي بنياد تي ڏڦيڙ ٻيهر ڀڙڪي پيا

Read Next

ڪراچي ۾ 13 ورهين جي مغوي نينگري بازياب، 2 جوابدار گرفتار

Most Popular