بي جي پي اسيمبلي ميمبر به عورت ريسلرز جي احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي

ڀارت جي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي جي اسيمبليءَ جي هڪ عورت ميمبر به عورت ريسلرز جي احتجاج جي حمايت ڪئي.

ڀارت ۾ عورت ريسلرز 23 اپريل کان نئين دهلي ۾ فيڊريشن جي سربراهه ۽ بي جي پي ايم ايل اي برج ڀوشن خلاف جنسي هراسمينٽ خلاف ڪارروائي لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب اڄ مهاراشٽرا مان اسيمبلي ميمبر پريتم منڊي چيو آهي ته ڪنهن به عورت طرفان شڪايت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پريتم منڊي چيو ته شڪايت تي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ اختياريون فيصلو ڪري سگهنديون ته شڪايت درست آهي يا نه، اميد آهي ته موجوده ڪيس ۾ ڪارروائي ٿيندي.

بي جي پي اڳواڻ چيو ته مان پارليامينٽ جي ميمبر جي حيثيت سان نه پر هڪ عورت جي حيثيت سان چئي رهي آهيان ته جيڪڏهن ڪنهن عورت کان اهڙي شڪايت اچي ته ان جو نوٽيس وٺي ان جي تصديق ڪئي وڃي.

هن چيو ته تصديق کانپوءِ اختياريون فيصلو ڪن ته شڪايت درست آهي يا نه، جيڪڏهن ان تي غور نه ڪيو ويو ته اهو جمهوريت لاءِ سٺو ناهي.

Read Previous

آمريڪي خاتون اول مصر پهچي وئي، صدر فتح السيسي سان ملاقات ڪندي

Read Next

ڀارتي رياست مني پور ۾ فرقيواريت جي بنياد تي ڏڦيڙ ٻيهر ڀڙڪي پيا

Most Popular