ڪراچي ۾ 13 ورهين جي مغوي نينگري بازياب، 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل اغوا ٿيل 13 ورهين جي نينگري کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته 2 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي اي وي سي سي ذيشان صديقي موجب اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل قائد آباد ۾ ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل 13 ورهين جي مشال نور کي بازياب ڪرايو.

آپريشن ۾ ٻن اغواڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، مشال کي ڊسمبر 2022 ۾ سعيد آباد مان اغوا ڪيو ويو هو، گرفتار جوابدارن نعمان ۽ لعل محمد کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

واقعي جو ڪيس سعيد آباد ٿاڻي تي ڇوڪري جي پيءُ جي فرياد تي اغوا جي الزام هيٺ داخل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي اي وي سي سي ذيشان صديقي ماڻهن کي پيغام ڏنو ته هو پنهنجي ٻارن جو خيال رکن ۽ ڏسن ته هو موبائل فون تي ڪنهن سان ڳالهائين ٿا ۽ انهن جا دوست ڪير آهن.

Read Previous

سنڌ جي مڪاني ادارن پاران پراپرٽي ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان

Read Next

جونيئر ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular