نورا فتحي ماضي جي ڪهڙي اداڪارا جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهشمند آهي؟

بالي ووڊ جي مشهور ڊانسر واداڪارا نورا فتحي مشهور بالي ووڊ فلم ”شعلي“ جي اداڪارا هيلن جي زندگي تي ٺهندڙ ڪنهن به فلم جو حصو بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

نورا فتحي گذريل زماني جي مشهور اداڪارا هيلن جي وڏي مداح آهي ۽ تازو ئي ابوظهبي ۾ منعقد هڪ ايوارڊ شو ۾ سينيئر ڀارتي اداڪارا کي خراج تحسين پيش ڪيو.

اداڪاره هيلن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نورا فتحي پنهنجي مشهور گيتن ’آج ڪي رات‘ ۽ ’پيا تو‘ تي 10 منٽن جي پرفارمنس سان سڀني شرڪت ڪندڙن جون دليون کٽي ورتيون.

ايوارڊ شو ۾ پنهنجي پرفارمنس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مون ان پرفارمنس لاءِ انهن گانن جي سڀني وڊيوز جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو، هر ننڍڙي ڊانس اسٽيپ بابت به سوچيو.

Read Previous

ليونل ميسي جو ‘مستقبل’ بارسلونا ڏانهن واپسي يا سعودي ڪلب سان معاهدو؟

Read Next

پاڪستاني ٿري ڊي فلم ”الله يار اينڊ 100 فلاورز آف گاڊ“ جو ٽريلر جاري

Most Popular