پاڪستاني ٿري ڊي فلم ”الله يار اينڊ 100 فلاورز آف گاڊ“ جو ٽريلر جاري

پاڪستان جي پهرين اينيميٽيڊ فيچر فلم ”الله يار اينڊ دي ليجنڊ آف مارخور“ جو سيڪوئل ”الله يار اينڊ 100 فلاورز آف گاڊ“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جي پهرين اسٽيريو اسڪوپيڪ ٿري ڊي فلم ملڪ جي اترين علائقن جي هڪ نوجوان الله يار جي زندگيءَ جي چوڌاري گهمي ٿي.

وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب تي شيئر ڪيل ايڪشن، ٿرلر ۽ جذباتي فلم جي ٽريلر ۾ الله يار پنهنجي گم ٿيل پيءُ جي ڳولا ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

هن فلم جي ڊبنگ ۾ علي ظفر، بشرا انصاري، اقرا عزيز، همايون سعيد، ميرا جي، انعم زيدي، ناديه جميل ۽ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ٻين ڪيترن ئي مشهور اداڪارن جو آواز پڻ شامل آهي.

ياد رهي ته ٿرڊ ورلڊ اسٽوڊيو جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ”الله يار اينڊ دي 100 فلورز آف گاڊ“ هن سال عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڄي ملڪ جي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

Read Previous

نورا فتحي ماضي جي ڪهڙي اداڪارا جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهشمند آهي؟

Read Next

ڇا علي ظفر سياست ۾ اچڻ وارو آهي؟

Most Popular