ليونل ميسي جو ‘مستقبل’ بارسلونا ڏانهن واپسي يا سعودي ڪلب سان معاهدو؟

مشهور فٽبالر ليونل ميسي ڇنڇر تي فرانسيسي ڪلب پي ايس جي لاءِ پنهنجي آخري ميچ کيڏندو پر سندس مستقبل بابت اڳ ئي مختلف آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ورهين جي ليونل ميسي کي پنهنجي اڳوڻي ڪلب بارسلونا ۾ واپسي جو ڪو به اشارو نه مليو آهي ۽ نه ئي کيس ان حوالي سان ڪا آڇ پيش ڪئي وئي آهي.

رپورٽن مطابق بارسلونا مئنيجر زيوي هرنينڊز ليونل ميسي جي واپسي لاءِ زور ڏئي رهيو آهي پر اسٽار فٽبالر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هن وقت بارسلونا ڪلب طرفان کيس ڪا آفر ناهي ملي.

زاوي هرنينڊس ميڊيا کي ٻڌايو ته مون لاءِ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن ميسي واپس اچي ٿو ته هو فٽبال سطح تي اسان جي مدد ڪندو ۽ مون صدر کي ٻڌايو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسپينش فٽبال ليگ جي صدر زيويئر ٽيباس اپريل ۾ چيو آهي ته ليونل ميسي جي بارسلونا واپسي مشڪل لڳي رهي آهي.

Read Previous

جونيئر ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

نورا فتحي ماضي جي ڪهڙي اداڪارا جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهشمند آهي؟

Most Popular