
ايراني بحريه جي ڪمانڊر شهرام ايراني چيو آهي ته علائقائي استحڪام لاءِ خليجي ملڪن سان بحري اتحاد جوڙڻ جو منصوبو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شهرام ايراني هڪ بيان ۾ چيو ته ايران جو نار ملڪن سان بحري اتحاد ٺاهڻ جو منصوبو آهي.
هن چيو ته بحري اتحاد ۾ سعودي عرب، يو اي اي، بحرين، قطر، عراق، پاڪستان ۽ ڀارت شامل هوندا.
ايراني نيوي ڪمانڊر جو چوڻ آهي ته علائقائي ملڪ سمجهي چڪا آهن ته تعاون ۾ سيڪيورٽي آهي.