ڀارتي ريسلنگ فيڊريشن جي سربراهه کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ ٻيو الٽي ميٽم

ڀارتي رياست هريانا ۾ ٿيل مها پنچائت حڪومت کي ڀارتي ريسلنگ فيڊريشن جي سربراهه برج ڀوشن جي گرفتاري جو الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب مها پنچائت برج ڀوشن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 9 جون جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو عورت ريسلرز طرفان هراسان ڪرڻ جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

رپورٽن مطابق گرفتاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنچائت رانديگرن سان گڏ دهلي ڏانهن مارچ ڪري سندن احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

هاري اڳواڻ راڪيش ٽکڙ چيو آهي ته حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪري ۽ برج ڀوشن کي گرفتار ڪري، جيڪڏهن گرفتار نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هر هنڌ پنچائتون قائم ڪنداسين.

ڀارتي ميڊيا موجب پنچائت کانپوءِ هارين جا اڳواڻ ۽ ڪيترائي سماجي ڪارڪن هڪ ئي پيج تي اچي ويا، حڪومت ڳالهين جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن 6 جون کان سعودي عرب جو دورو ڪندو

Read Next

ايران جو پاڪستان ۽ ڀارت سميت نار ملڪن سان بحري اتحاد ٺاهڻ جو منصوبو

Most Popular