جناح هائوس حملو ڪيس: پنجاب پوليس جو ياسمين راشد جي بريت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب پوليس جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي رليز آرڊر کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته جناح هائوس تي حملي جي جاچ سائنسي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي.

پنجاب پوليس موجب ياسمين راشد سميت جيڪو به ان حملي ۾ ملوث هوندو، انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ياسمين راشد کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪندي, اهو اڃا ابتدائي مرحلو آهي، ان جي جاچ ڪرڻ پوليس جو حق آهي.

پنجاب پوليس موجب سمورا حقائق ۽ فرانزڪ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ڪرڻ کانسواءِ حملي ۾ ملوث ماڻهن بابت حتمي راءِ قائم ڪرڻ درست ناهي.

Read Previous

جوابدارن کي سڃاڻپ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، آءِ جي پنجاب

Read Next

سنڌ حڪومت ۽ وڏيرا صوبي کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ چاهين ٿا: فاروق ستار

Most Popular