سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي وڏي پيماني تي واڌاري ۽ گهٽتائي جو امڪان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽرن جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.

ڪپتان بابر اعظم جي وطن واپسي ۽ سينيئر رانديگرن سان مشاورت کانپوءِ معاهدو فائنل ڪيو ويندو.

قومي ڪرڪيٽرن جا سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون تي ختم ٿي رهيا آهن، پي سي بي ايندڙ هڪ سال لاءِ نئين ڪانٽريڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۽ قومي ڪرڪيٽرن جي پروموشن ۽ ڊيومينٽ ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڪرڪيٽر سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان به محروم ٿي ويندا.

ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ڪيٽيگريز کي جاري رکڻ تي صلاح مشورا جاري آهن، گذريل سال پي سي بي ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ڪرڪيٽ جون الڳ الڳ ڪيٽيگريون متعارف ڪرايون هيون.

Read Previous

ايم ڪيو ايم ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ مشاورت

Read Next

حسن علي سان گهڻي عرصي کانپوءِ ملاقات ڪري خوشي ٿي: شاهين آفريدي

Most Popular