حسن علي سان گهڻي عرصي کانپوءِ ملاقات ڪري خوشي ٿي: شاهين آفريدي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته حسن علي سان ڊگهي عرصي کانپوءِ اسٽيڊيم ۾ ملاقات ڪري ڏاڍي خوشي ٿي.

هڪ بيان ۾ شاهين شاهه آفريدي چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته مداح مون کي ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم جو رخ ڪري رهيا آهن.

شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ 10 نمبر واري شرٽ اڳي شاهد آفريدي جي هئي ۽ هاڻي اها مون وٽ آهي.

هن چيو ته هتي اچڻ کان اڳ مون درخواست ڪئي هئي ته 10 نمبر شرٽ الاٽ ڪئي وڃي.

واضح رهي ته ٽي 20 بلاسٽ ۾ ناٽنگهم شائر آئوٽ لاسٽ برمنگهم بيئرز کي شڪست ڏني هئي.

هن ميچ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي شاندار بالنگ ڪندي 39 رنسون ڏنيون ۽ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

Read Previous

سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي وڏي پيماني تي واڌاري ۽ گهٽتائي جو امڪان

Read Next

عورت مارچ کان پوءِ خلع جي شرح وڌي وئي آهي، نازش جهانگير

Most Popular