ايم ڪيو ايم ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ مشاورت

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ مشاورتي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم باضابطا طور تي ڪجهه ڏينهن ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائيندي، ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان اپوزيشن ليڊر لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

اپوزيشن ليڊر لاءِ علي سهري، راڻا انصار، خواجه اظهار الحسن، جاويد حنيف ۽ محمد حسين جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

هن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جو حليم عادل شيخ آهي.

حليم عادل سميت پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر 9 مئي کان فرار آهن.

Read Previous

مصطفيٰ ڪمال موجوده مردم شماري جي آڊٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي وڏي پيماني تي واڌاري ۽ گهٽتائي جو امڪان

Most Popular