عورت مارچ کان پوءِ خلع جي شرح وڌي وئي آهي، نازش جهانگير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا نازش جهانگير جو چوڻ آهي ته عورت مارچ کان پوءِ خلع جي شرح وڌي وئي آهي.

نازش جهانگير هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران فيمينزم بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان فيمينسٽ آهيان ڇو ته مان ان ڳالهه خلاف آهيان ته سماج ۾ ماڻهن عورت لاءِ پنهنجي مرضي جو معيار ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ پوءِ ان کي چيو وڃي ته کيس هيئن بڻجڻو آهي.

هن چيو ته عورت کي ڪير به نٿو ٻڌائي سگهي ته پنهنجي زندگي ڪيئن گذاري، هوءَ پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ٿي پر مان مرد ۽ عورت ٻنهي جي برابري جي حقن تي يقين رکان ٿي.

نازش جهانگير جو چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو مون کي بار بار اهو ياد ڏياريندا آهن ته مون هڪ ڀيرو چيو هو ته ”هر عورت جيڪا روئي ٿي اها سچ ناهي، تنهن ڪري مان انهن سڀني ماڻهن کي ٻڌايان ٿھ ته مان اڄ به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان، ۽ مان اها ڳالهه مضبوطيءَ سان چوان ٿي.

Read Previous

حسن علي سان گهڻي عرصي کانپوءِ ملاقات ڪري خوشي ٿي: شاهين آفريدي

Read Next

اڀيشڪ بچن جو پنهنجي والدين جي شادي جي 50 هين سالگرهه تي خوبصورت پيغام

Most Popular