جيڪو چوندو هو “ڪلا اِي ڪافي آن، آج ڪلا ئي بيٺا اي“، مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسان مان ڪو به شهيدن جي يادگار جي بي حرمتي نٿو ڪري سگهي.

آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هوءَ جنهن به بنڪر ۾ لڪي ويهي، قوم کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پڇڻ چاهي ٿي ته ڪشمير جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري جنهن پارٽي کي کٽرايو ويو، اها ڪيڏانهن وئي.

مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر اهو به چيو ته نواز شريف جي سياست کي ختم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندڙ پارٽي تباهه ٿي وئي آهي، جيڪو چوندو هو ڪلا اِي ڪافي آن، آج ڪلا ئي بيٺا اي.

Read Previous

اڀيشڪ بچن جو پنهنجي والدين جي شادي جي 50 هين سالگرهه تي خوبصورت پيغام

Read Next

بلاول ڀٽو ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

Most Popular