پاڪستاني فلمون نه ڊراما پسند ڪندي آهيان: ماهره خان

ميزباني کان اداڪاري تائين جو سفر طئي ڪندڙ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ميزبان ۽ اداڪارا ماهره خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پاڪستاني فلمن کان وڌيڪ ڊراما پسند آهن.

پاڪستاني ڊراما حقيقتن ۽ مختصر ڪهاڻين جي ويجهو هجڻ سبب سڄي دنيا ۾ پسند ڪيا ويندا آهن.

اداڪاره ماهره خان تازو ئي هڪ خانگي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ميزبان اداڪاره کان سندس پسنديده فلم بابت پڇيو ۽ چيو ته هوءَ ڪهڙي فلم جي ريميڪ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.

اداڪارا ماهره خان هڪ کانپوءِ هڪ کان پوءِ سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، ميزبان جي سوال جو جواب ڏيندي هن انڪشاف ڪيو ته هوءَ پاڪستاني فلمون نه ڏسندي آهي پر فارغ وقت ۾ پاڪستاني ڊرامن کي ترجيح ڏيندي آهي.

Read Previous

فٽبال جو بخار: فيفا وومينز ورلڊ ڪپ لاءِ 10 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وڪرو

Read Next

پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري اچي وئي

Most Popular