اسان ڪنهن به سياسي پارٽي ۽ اڳواڻ تي پابندي جي حق ۾ ناهيون، جاويد لطيف

وفاقي وزير جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ جنهن جو به ڪردار آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، اسان ڪنهن به سياسي پارٽي، ڪنهن سياسي اڳواڻ تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ ناهيون، جن سان زيادتي ڪئي وئي، انهن جو ازالو ڪيو وڃي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته مون کي خدشا آهن ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان جو مطالبو آهي ته چونڊن لاءِ سڀني کي هڪ جهڙو موقعو ڏنو وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي مستحڪم ڪرڻو آهي ته قوم کي مڪمل سچ ٻڌائڻو پوندو، هن وقت قوم کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته دهشتگرد ۽ سياستدان جي تعريف ڇا آهي. 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي سمورن ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي.

جاويد لطيف چيو ته نوازشريف کي پاڪستان تي رحم کائيندي کيس آندو وڃي، اسان جو ڪنهن سان ڪو به معاملو ناهي، ڊيل هميشه عوام سان ٿيندي آهي، مسلم ليگ (ن) پنهنجي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهندي.

Read Previous

اکيون کوليو، تعصب ڇڏيو ته بجيٽ ۾ گهڻو ڪجهه نظر ايندو: سنڌ جو وڏو وزير

Read Next

ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور

Most Popular