اکيون کوليو، تعصب ڇڏيو ته بجيٽ ۾ گهڻو ڪجهه نظر ايندو: سنڌ جو وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اکيون کوليو ۽ تعصب ڇڏي ڏيو ته بجيٽ ۾ گهڻو ڪجهه نظر ايندو.

ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ نيوز ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه جي بجيٽ تقرير آرام سان ٿي ۽ منهنجو ڳلو به ٺيڪ هو.

مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندي آهي، ان ڪري ئي ان کي ووٽ مليا آهن، پيپلز پارٽي ڊليور ڪيو آهي، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اسان جي حڪومت قائم ٿيندي، سمورن ضلعي ڪائونسلن جا چيئرمين ۽ ميئر پيپلز پارٽي جا هوندا.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تعليم، صحت ۽ بلدياتي ادارن لاءِ 800 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال ۾ رڪارڊ ترقياتي خرچ ٿيا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ جي صورتحال تي اسان کي ٻاهرين ذريعن کان 2 ارب ڊالر مليا، 4 مهينن ۾ ايتري وڏي رقم جو انتظام وڏي ڳالهه آهي، ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ 25 ارب رپيا ٻاهرين ذريعن کان حاصل ڪيا، اسان جو آبپاشي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي پر هاڻ ڪڻڪ جو رڪارڊ فصل ٿيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ ڪم ڪيو آهي، جيڪڏهن اوهان اکيون کوليو ۽ پنهنجا تعصب ڇڏي ڏيو ته بجيٽ ۾ گهڻو ڪجهه نظر ايندو.

مراد علي شاهه چيو ته 52 ارب رپين جي ڪي فور اسڪيم وفاقي حڪومت وٽ منظوري لاءِ التوا ۾ آهي، هڪ ماڻهو ايترو شور ڪري رهيو آهي هاڻي وڃي گهر ۾ آرام ڪري، جيڪڏهن ٽي وي تي روئيندڙ ماڻهو تعصب جو شڪار آهي ته ان بابت ڇا ٿو ڪري سگهجي؟

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ فنانس اسڪيمون آهن، ڪراچي ۾ اسان اين آءِ ايڇ، جي پي ايم سي کي گرانٽ ڏيون ٿا، اين آءِ سي وي ڊي کي به گرانٽ ڏيون ٿا.

هن چيو ته آصف زرداري هدايت ڪئي ته گهرن کي مالڪي جا حق ڏنا وڃن، ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ گهرن جي منصوبي تي ڪم هلندڙ زمين تي نظر ايندو، گهرن جي تعمير لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

مراد علي شاهه چيو ته سامونڊي طوفان کان 80 ڪلوميٽر جي رفتار سان تيز هوائون هلنديون ۽ 25 فوٽ اونچيون لهرون اٿنديون، سنڌ حڪومت ساحلي آبادي کي ڪڍڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، اٽڪل 10 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي خدمتن سان قدرتي آفت جو مقابلو ڪيو ويندو، سڀاڻي ٺٽي، سجاول ۽ بدين جو دورو ڪري سگهان ٿو، وزيراعظم ٻوڏ دوران 6 رائونڊ ڪيا.؟

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اهو به چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جا هيلي ڪاپٽر 1992ع ۾ خريد ڪيا ويا هئا، هيلي ڪاپٽر ڄام صادق ۽ ارباب غلام رحيم خريد ڪيو هو، هيلي ڪاپٽر 1992ع کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويو.

Read Previous

يمنا زيدي کي ”ميرب“ جي مداحن طرفان قيمتي تحفا مليا

Read Next

اسان ڪنهن به سياسي پارٽي ۽ اڳواڻ تي پابندي جي حق ۾ ناهيون، جاويد لطيف

Most Popular