پاڪستان پاران تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل قبول ڪري ورتو

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ 2023 لاءِ پاڪستان جي هائبرڊ ماڊل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي هائبرڊ ماڊل جي منظوري تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جا ٿورا مڃيا آهن، ايشيا ڪپ 31 آگسٽ کان 17 سيپٽمبر تائين کيڏيو ويندو.

2008ع کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي ته پاڪستان ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪندو، پندرهن سال اڳ پاڪستان 50 اوور جي فارميٽ ۾ ايشيا ڪپ ڪاميابيءَ سان منعقد ڪيو هو.

نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته کيس خوشي آهي ته ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ اسان جي تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل جي منظوري ڏني وئي آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايشيا ڪپ جي ميزباني جاري رکندو ۽ ميچون پاڪستان ۾ منعقد ڪندو، جنهن کانپوءِ سريلنڪا ايونٽ جي غير جانبدار وينيو هوندو، ان جو سبب اهو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نه اچي رهي آهي.

نجم سيٺي چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي 15 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ کيڏندي ڏسي اسان جا پرجوش مداح خوش ٿيندا، پر اسان کي بي سي سي آءِ جي موقف جو اندازو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وانگر بي سي سي آءِ کي به سرحد پار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي اجازت ۽ ڪليئرنس جي ضرورت آهي، ان پس منظر ۾ هائبرڊ ماڊل ئي بهترين حل هو، جنهن ڪري هو ان جي ڀرپور حمايت ڪري رهيا هئا.

نجم سيٺي چيو ته هائبرڊ ماڊل جي منظوري جو مطلب اهو آهي ته ايشيا ڪپ پنهنجي مقرر شيڊول موجب کيڏيو ويندو ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل به ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ ايندڙ 20 هين ميچن کي به اڳتي وڌائيندي.

Read Previous

ڏوهن کي ويڙهه لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو: روسي پارليامينٽ منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

نااهلي جو مدو 5 سال: سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن وارو بل منظور ڪري ورتو

Most Popular