ڏوهن کي ويڙهه لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو: روسي پارليامينٽ منظوري ڏئي ڇڏي

روسي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان يوڪرين جي جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ ملڪ ۾ ڏوهارين کي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

روسي خابرو ايجنسي ٽاس نيوز موجب پارليامينٽ دفاعي وزارت کي ڏوهارين سان معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

قانون موجب بچاءَ واري وزارت ڪنهن به اهڙي شخص سان معاهدو ڪري سگهي ٿي جيڪو ڪنهن ڏوهه جي جاچ هيٺ هجي يا جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هجي يا جنهن کي سزا ملي هجي.

جنسي ڏوهن، غداري، دهشتگردي يا انتهاپسندي جي سزا يافته ڏوهارين کي ڀرتي نه ڪيو ويندو، معاهدو پورو ڪندڙ ڏوهارين جي سزا ختم ڪئي ويندي.

ان کان اڳ، ويگنر گروپ کي روسي جيلن مان ڏوهارين کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر اهو عمل فيبروري ۾ روڪيو ويو.

روس جي دفاع واري وزارت پاڻ سڌو سنئون ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي، ماسڪو جنگ ۾ سخت نقصان برداشت ڪري رهيو آهي ۽ وڌيڪ فوجي اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Read Previous

آسٽريليا روسي سفارتخاني جي تعمير کي روڪڻ لاء قانون پاس ڪري ورتو

Read Next

پاڪستان پاران تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل قبول ڪري ورتو

Most Popular