سعودي عرب 167 ملڪن کي 96 ارب ڊالر امداد ڏني

1996ع کان 2023ع تائين سعودي عرب 167 ملڪن کي 96 ارب ڊالر انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪئي.

اها ڳالهه سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي انساني امداد ۽ امدادي مرڪز بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه اسپين ۾ ميڊيا جي نمائندن ۽ متاثرن سان ملاقات ۾ چئي.

ميڊرڊ ۾ ورلڊ الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن ڪانفرنس جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ سعودي سفير اعظم القين پڻ شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز چيو ته ڪي ايس رليف سينٽر عالمي سطح تي انسانيت جي سرگرمين ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته 2015 ۾ قائم ڪيل ڪي ايس رليف 92 ملڪن ۾ 2402 انسانيت جي منصوبن لاءِ 6.248 بلين ڊالر فراهم ڪيا.

انهن منصوبن ۾ فوڊ سيڪيورٽي، تعليم، صحت، سماجي تحفظ، پاڻي، ماحوليات، لاجسٽڪس، شيلٽر ۽ ٻيا منصوبا شامل هئا.

Read Previous

حڪومت جي درخواست تي گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ ويندڙن جا ٿورائتا آهيون: وڏو وزير

Read Next

اڳوڻي ڀارتي پوليس آفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ 3 سال قيد جي سزا

Most Popular