اڳوڻي ڀارتي پوليس آفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ 3 سال قيد جي سزا

ڀارت ۾ پوليس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل راجيش داس کي ساٿي آفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ تي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست تامل ناڊو جي هڪ عدالت هڪ معطل پوليس آفيسر کي عورت آفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ڪيو.

رپورٽن مطابق، عورت پوليس آفيسر فيبروري 2021 ۾ سينيئر آفيسر خلاف هڪ شڪايت داخل ڪئي هئي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته هن وقت جي وڏي وزير جي حفاظت لاء ڊيوٽي تي سفر دوران جنسي طور تي هراسان ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ان شڪايت کانپوءِ راجيش داس کي معطل ڪري جاچ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

Read Previous

سعودي عرب 167 ملڪن کي 96 ارب ڊالر امداد ڏني

Read Next

آسٽريلوي سينيٽر کان جنسي حراسان ڪرڻ جي الزامن تي استعيفيٰ جو مطالبو

Most Popular