آسٽريلوي سينيٽر کان جنسي حراسان ڪرڻ جي الزامن تي استعيفيٰ جو مطالبو

آسٽريليا جي مکيه اپوزيشن لبرل پارٽي هڪ سينيٽر جي استعيفي جو مطالبو ڪيو آهي جيڪو جنسي حراسان ڪرڻ جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب لبرل پارٽي جي سينيٽر ڊيوڊ وان خلاف جنسي حراسمينٽ جون ڪيتريون ئي شڪايتون سامهون آيون آهن ۽ 2021 ۾ ٿيل انڪوائري ۾ معلوم ٿيو ته پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ ٽن مان هڪ شخص کي جنسي طور هراسان ڪيو ويو.

رپورٽن مطابق آزاد سينيٽر ليڊيا ٿورپ خميس تي ڊيوڊ وان تي گذريل پارلياماني مدت دوران جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو، جنهن جي هن ترديد ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ليڊيا ٿورپ جي الزام کانپوءِ لبرل پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر ايمنڊا اسٽوڪر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته وان 2020 ۾ هڪ پارٽي ۾ کيس نامناسب طريقي سان ڇڪيو هو.

Read Previous

اڳوڻي ڀارتي پوليس آفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ 3 سال قيد جي سزا

Read Next

جين ميريٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر

Most Popular