عثمان وزير يوٿ ورلڊ ٽائيٽل جو ڪاميابي سان دفاع ڪري ورتو

پاڪستان جي عثمان وزير قراقرم انٽرنيشنل باڪسنگ چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي يوٿ ورلڊ ٽائيٽل جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو.

هن تنزانيا جي باڪسر فقيري سليم کي پوائنٽس جي بنياد تي شڪست ڏني، اٺين رائونڊ جي مقابلي ۾ سمورن ججن عثمان وزير جي حق ۾ متفقه فيصلو ڏنو.

گلگت جي لالڪ جان اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ تماشائن جو وڏو انگ موجود هو، جن عثمان وزير جو ميدان پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو.

ان موقعي تي پاڪستان جا ٻه فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ مير حمزا به اسٽيڊيم ۾ موجود هئا، ٻنهي ڪرڪيٽرن ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ باڪسر عثمان وزير سان گڏ قومي ترانو پڙهيو.

ميچ جي شروعات ۾ تنزاني باڪسر فقيري سليم عثمان وزير کي دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏيو. شروعاتي دورن ۾ عثمان بچاءَ جي ڪوشش ۾ مصروف هو.

عثمان وزير اٺن رائونڊ جي آخري ٻن رائونڊن ۾ خوب مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي زوردار مڪن سان مخالف کي بي وس ڪري ڇڏيو.

Read Previous

ڇا ٽائيٽن آبدوز ۾ فوت ٿيلن جا لاش ڪڍيا ويندا؟

Read Next

اميتاڀ بچن جو فلم ”ڊان“ بابت دلچسپ انڪشاف

Most Popular