اميتاڀ بچن جو فلم ”ڊان“ بابت دلچسپ انڪشاف

بالي ووڊ سپر اسٽار اميتاڀ بچن پنهنجي سپر هٽ فلم ”ڊان“ بابت دلچسپ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته جڏهن فلم جي ٽائيٽل جو اعلان ڪيو ويو ته ماڻهو ڊان لفظ کان واقف نه هئا.

1978ع ۾ رليز ٿيل هيءَ فلم اميتاڀ بچن جي ڪامياب ترين فلمن مان هڪ ثابت ٿي.

فلم بابت پنهنجي تازي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ اميتاڀ بچن چيو ته جڏهن فلم جي ٽائيٽل ڊان جو اعلان ڪيو ويو ته بالي ووڊ ۾ ڪجهه ماڻهن کي ان لفظ جي به خبر نه هئي.

هن اهو پڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو هئا جيڪي ڊان کي انڊر ويئر برانڊ سمجهي رهيا هئا.

چندرا باروت جي هدايتڪاري ۾ 1978ع جي مشهور فلم ڊان ۾ اميتاڀ بچن، زينت امان، پران، افتخار، اوم شوپوري ۽ ستين ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪيا.

Read Previous

عثمان وزير يوٿ ورلڊ ٽائيٽل جو ڪاميابي سان دفاع ڪري ورتو

Read Next

9 مئي سانحو؛ ليفٽيننٽ جنرل سميت ٽن اعليٰ فوجي آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Most Popular