آمريڪي عدالت ۾ ٽوئيٽر خلاف آسٽريليا جي هڪ ڪمپني ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

آسٽريلوي ڪمپني ايلون مسڪ جي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر خلاف آمريڪي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريلوي ڪمپني ٽوئيٽر تي الزام لڳايو آهي ته هن 4 ملڪن ۾ ڪيل ڪم جي 1 ملين آسٽريلين ڊالرن جي بقايا رقم اڃا تائين ادا نه ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نجي آسٽريلوي ڪمپني ٽوئٽر خلاف 29 جون تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ضلعي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

آسٽريلوي ڪمپني موجب 2022 کان 2023 جي شروعات تائين هنن لنڊن ۽ ڊبلن ۾ ٽوئٽر جي آفيسن ۾ سينسرز لڳايا جڏهن ته سنگاپور ۽ سڊني ۾ ٽوئٽر جي آفيسن ۾ به ڪم مڪمل ڪيو.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها ٽوئٽر تي 203,000 پائونڊ، 546,600 سنگاپور ڊالر ۽ 61,300 آسٽريلوي ڊالر انهن ڪمن لاءِ ترتيب ڏئي ٿي.

Read Previous

ايس سي او ملڪن کي معاشي بحالي جي رفتار تيز ڪرڻ گهرجي: چيني صدر

Read Next

سنڌ ۾ سڀاڻي شام کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي

Most Popular