ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي. اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڪامياب اسٽاف ليول معاهدي بابت آمريڪي سفير کي آگاهه ڪيو.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته اقتصادي ۽ واپاري شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آمريڪي سفير طرفان معاشي استحڪام لاءِ حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.

ڊونلڊ بلوم ٻطرفي اقتصادي، واپاري تعاون ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيارڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آمريڪي سفير کي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ترجيحات کان به آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته پاليسين جو مقصد معيشت کي مستحڪم ۽ ترقي جي رستي تي وجهڻ آهي. اسحاق ڊار آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو.

Read Previous

وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

Read Next

ڀارت ۾ خالصتان ٽائيگر فورس جي سربراهه جي قتل خلاف احتجاج

Most Popular