وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف طرفان مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

احتساب عدالت لاهور ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز طرفان ايڊووڪيٽ امجد پرويز داخل ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب مني لانڊرنگ جو ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو ريفرنس ٺاهيو اثاثا قانون موجب آهن جيڪي ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪليئر ڪيا ويا آهن نيب وٽ ڪنهن به قسم جا ڪي به ثبوت موجود نه آهن.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي خلاف ڪيس ثابت ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي. احتساب عدالت کان استدعا آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ريفرنس مان بري ڪيو وڃي.

احتساب عدالت جي جج قمرالزمان درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ نيب کي 19 جولاءِ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

Read Previous

اسرائيل ۾ غير قانوني نوڪري ڪندڙ ميرپورخاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ايف آءِ اي هٿان گرفتار

Read Next

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات

Most Popular