نيڌرلينڊ ڪلاس رومز ۾ موبائل فون جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي

هالينڊ ٽيڪنالوجي کي تدريسي عمل ۾ خلل وجهڻ کان روڪڻ لاءِ ڪلاس رومز ۾ موبائيل فون رکڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڊچ حڪومت جو چوڻ آهي ته موبائيل، ٽيبليٽ ۽ سمارٽ واچز شاگردن جي سکيا واري عمل کي متاثر ڪري رهيا آهن، ان ڪري کين نئين سيشن جي شروعات کان ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي.

ڊچ حڪومت جو چوڻ آهي ته مختلف رپورٽن موجب تعليم دوران ڪلاس رومز ۾ موبائيل فون جي استعمال سان نقصانڪار اثر پون ٿا، شاگردن جي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي، ان لاءِ 1 جنوري 2024ع کان ڪلاس رومز ۾ موبائيل فون ۽ ٽيبليٽ ۽ سمارٽ واچ جي استعمال تي پابندي هوندي.

ڊچ حڪومت سمورن اسڪولن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سڀني استادن، والدين ۽ شاگردن کي آڪٽوبر تائين نون ضابطن تي راضي ٿيڻ لاءِ چيو.

ڊچ جي تعليم واري وزير رابرٽ ڊيجڪگراف پارليامينٽ کي ٻڌايو ته هن کي اميد آهي ته اها شروعات ثقافتي تبديلي جي شروعات ڪندي ۽ سکيا واري عمل کي بهتر بڻائي سگهندي.

Read Previous

ميٽا ٽوئٽر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ورتي

Read Next

ڀارت ۾ عورتن کي ڪار جي خطرناڪ ٽڪر واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي

Most Popular