پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسا لفٽ ۾ ڦاسي پيو

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ ڦاسي پيو.

لطيف کوسا جي 20 منٽن کان وڌيڪ وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ ڦاٿل رهڻ بعد ريسڪيو ٽيم لفٽ کولڻ لاءِ پهتي جنهن بعد لطيف کوسا لفٽ مان ٻاهر نڪري آيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل نعيم پنجوٿا به لفٽ ۾ موجود هو.

ڪيس ختم ٿيڻ بعد لطيف کوسا ٻاهر آيو پر گرائونڊ فلور تي لفٽ جو دروازو نه کليل هو.

ان دوران وڪيل لفٽ ٻاهران لطيف کوسا جو انتظار ڪندا رهيا.

Read Previous

آءِ ايم ايف جو نگران حڪومت کان معاهدي جي شرطن تي سختي سان عملدرآمد جو مطالبو

Read Next

نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي مقرري خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

Most Popular