نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي مقرري خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس (ر) مقبول باقر جي نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس (ر) مقبول باقر جي نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست رد ڪندي مختصر حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

درخواستگذار ابراهيم ابڙو ايڊووڪيٽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته جسٽس (ر) مقوب باقر 4 اپريل 2022ع تي سپريم ڪورٽ مان رٽائر ٿيو، آئين جي آرٽيڪل 207 تحت جسٽس (ر) مقصود باقر عبوري وڏو وزير نٿو بڻجي سگهي. .

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته مقبول باقر سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج آهي، وڪيل کي عزت سان ڳالهائڻ گهرجي.

جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته درخواستگذار غلط قانون جو حوالو ڏئي رهيا آهن، هو پاڪستان سروسز رولز جو حوالو ڏين.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسا لفٽ ۾ ڦاسي پيو

Read Next

ثقلين مشتاق پاران شاداب خان جي ڪارڪردگي جي واکاڻ

Most Popular