14 ڊسمبر کان پوءِ 54 ڏينهن جمع ڪريو، چونڊن جي تاريخ نڪري ايندي؛ راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 14 ڊسمبر کان پوءِ 54 ڏينهن جمع ڪريو، چونڊن جي تاريخ نڪري ايندي.

مسلم ليگ ن جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنهن بعد سياسي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين موجب چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي، اليڪشن ڪميشن جي دعوت تي اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي تيارين بابت بريفنگ ڏني.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن يقين ڏياريو آهي ته هو سياسي پارٽين سان ضابطا اخلاق شيئر ڪندو، اليڪشن ڪميشن 2018ع جي شڪايتن جي حل لاءِ موثر قدم کڻندي.

احسن اقبال چيو ته عورتن جي سيٽن ۾ واڌ بابت اليڪشن ڪميشن کي به ٻڌايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ايندڙ اليڪشن آئين ۽ قانون موجب ڪرائيندي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ايندڙ چونڊون ملڪ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ووٽر رجسٽريشن جي تاريخ جو اعلان ڪري.

ان موقعي تي اعظم نذير تارڙ چيو ته ممڪن آهي ته 14 ڊسمبر کان اڳ تڪ بنديون مڪمل ڪيون وڃن.

Read Previous

انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جو اگهه 301 رپيا ٿي ويو

Read Next

ويرات ڪوهلي جي سوشل ميڊيا پوسٽ تي ڪرڪيٽ بورڊ ناراض

Most Popular