انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جو اگهه 301 رپيا ٿي ويو

امريڪي ڊالر

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 78 پئسا 301 رپيا ٿي ويو.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 314 رپين تي برقرار آهي، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 13 رپين جو فرق آهي.

ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 300 رپيا 22 پئسا تي بند ٿيو.

ان کان علاوه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 18 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي دوران ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 136 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 13.6 ملين ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ 13.24 ارب ڊالر ٿي ويا.

Read Previous

پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي 75 سال مڪمل، يادگاري سڪو جاري

Read Next

14 ڊسمبر کان پوءِ 54 ڏينهن جمع ڪريو، چونڊن جي تاريخ نڪري ايندي؛ راڻا ثناءُ الله

Most Popular