نگران وزيراعظم پاران بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف عوامي احتجاج جو نوٽيس، سڀاڻي اجلاس طلب

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف زبردست عوامي احتجاج بعد سڀاڻي هنگامي اجلاس سڏائي ورتو

نگران وزيراعظم پاران سڀاڻي آچر ڏينهن ڪوٺايل اجلاس ۾ بجليءَ جي اگهن ۽ واهپيدارن کي ملندڙ ڳرن بلن بابت غور ويچار ڪيو ويندو

وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز کي سڀاڻي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اجلاس ۾ واهپيدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ بابت مشاورت ڪئي ويندي

پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ وزيرستان سميت مختلف علائقن ۾ شهرين جي احتجاج ۽ بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏيڻ جي واقعن بعد وزيراعظم نوٽيس ورتو

سکر ۾ به گذريل ڏينهن احتجاجي مظاهري دوران شهرين پاران بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏنيون ويون، شهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار روپيا بل ڇو پيو اچي

Read Previous

سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جو گهيرو تنگ

Read Next

ضروري ناهي ته آمريڪا جيڪو به چوي ان سان اتفاق ڪيون: نگران وزيراعظم

Most Popular