ضروري ناهي ته آمريڪا جيڪو به چوي ان سان اتفاق ڪيون: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آمريڪا سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، ضروري ناهي ته آمريڪا جيڪو به چوي ان سان اتفاق ڪيون، ڪيترن ئي معاملن ۾ آمريڪا سان اتفاق نه آهي.

اسلام آباد ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوري عمل جي ارتقا ٿي رهي آهي، گذريل 15 سالن ۾ 3 اسيمبليز پنهنجو مدو پورو ڪيو، حڪومت جي تبديلي به آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي، جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي.

هن چيو ته دنيا جي امن خاطر پاڪستان بي انتها قربانيون ڏنيون آهن، دنيا کي پنهنجين قربانين بابت احساس ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.

وزيراعظم چيو ته خبر ناهي ته آءِ اي ايف کي دشمن طور ڇو پيش ڪيو وڃي ٿو، اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو وسيلن ۽ خرچن ۾ توازن جو نه هجڻ آهي.

Read Previous

نگران وزيراعظم پاران بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف عوامي احتجاج جو نوٽيس، سڀاڻي اجلاس طلب

Read Next

فاطمه ڪيس ۾ جوابدار اسد شاهه وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular