سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جو گهيرو تنگ

سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، نيب مڪيش ڪمار چاولا جي فرنٽ مين حسن علي شريف ۽ وحيد شيخ کي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو،

وحيد شيخ مڪيش ڪمار چاولا جي دور ۾ ايڪسائيز کاتي جو ڊائريڪٽر هو، کيس ڊي جي نارڪوٽڪس ۽ ٻيون اضافي ذميواريون به مليل هيون.

نيب 17 آگسٽ تي هڪ نوٽيس جاري ڪندي ٻنهي عملدارن کي گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو.

نيب جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ويا

Read Previous

سعودي عرب پاران برڪس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت جي آجيان

Read Next

نگران وزيراعظم پاران بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف عوامي احتجاج جو نوٽيس، سڀاڻي اجلاس طلب

Most Popular