فاطمه ڪيس ۾ جوابدار اسد شاهه وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

راڻيپور جي عدالت حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار اسد شاهه کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

جوابدار اسد شاهه کي منهن تي ڪپڙو ويڙهي راڻيپور ايٽ سوڀوديرو سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو

فاطمه قتل ڪيس ۾ پوليس اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه کي گذريل ڏينهن روپوش قرار ڏنو هو، حنا شاهه جو پيءُ فياض شاهه ۽ سندس پٽ به روپوش آهن

راڻيپور ۾ پير جي اوطاق تي ڪٺ دوران صحافين ۽ پوليس کي ڌمڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار نوجوان اڪبر ڪلهوڙو کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

عدالت جوابدار اڪبر کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

نوجوان گار گند ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي صحافين کان معافي وٺي ڇڏي

Read Previous

ضروري ناهي ته آمريڪا جيڪو به چوي ان سان اتفاق ڪيون: نگران وزيراعظم

Read Next

پاڪستان کي سستي گئس، بجلي ۽ تيل ڏئي سگهون ٿا: ايراني سفير

Most Popular