ايٿليٽ ڊوڙ سان گڏ ئي عورت رانديگر کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

بوڊاپسٽ : هڪ پروفيشنل ڊوڙ دوران هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو، جڏهن مرد رانديگر گڏ ڊوڙندڙ عورت رانديگر کي جهڪي منڊي پيش ڪندي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي، بوڊاپسٽ ۾ منعقد “2023 جي ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ” ۾ هڪ طرف سلوواڪيا جو ڊومينڪ سيئر ڊوڙي رهيو هيو پر ان بعد عورت رانديگرن جو مقالو هيو.

ڊومينڪ اختتامي لائين تي بيهي رهيو ۽ هينا جو منتظر هيو، جيتوڻيڪ اها مقابلي ۾ پٺتي رهي، پر محبت ۾ کٽي وئي، جيئن ئي هينا ويجهو پهتي ته ڊومينڪ گوڏا کوڙي ويهي هينا کي منڊي پيش ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، ان جي جواب ۾ هينا مسڪرائيندي “ها” ڪري ڇڏي.

ان تي ڊومينڪ خوشيءَ ۾ مڪو لهرايو ۽ جوڙي ميڊيا جي سامهون تصويرون ڪڍرايون. ٻنهي رانديگرن ٻڌايو ته اهي گذريل 4 سالن کان هڪ ٻئي کان واقف آهن ۽ اتفاق ڪيو ته اهو شادي جي اعلان جو هڪ زبردست موقعو هيو، جڏهن ته انهن شادي جي تاريخ بابت ڪجهه به ٻڌايو ۽ ايترو ٻڌايو ته اهي 2024 جي پيرس اولمپڪس لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن، جيڪو هڪ قسم جو “محبت جو شهر” به آهي.

Read Previous

خورشيد شاهه بجلي جي في يونٽ ۾ 15 رپيا گهٽتائي جي تجويز ڏئي ڇڏي

Read Next

بجلي جي قيمت ۾ واڌ: جماعت اسلامي جو 2 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

Most Popular