بجلي جي قيمت ۾ واڌ: جماعت اسلامي جو 2 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

بجلي جي بلن ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق 2 سيپٽمبر ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ڪراچي کان چترال تائين حڪومت جي ظالماڻي فيصلي خلاف عوام روڊن تي نڪرندو. فيصلو برداشت ۽ هضم ڪرڻ جهڙو نه آهي.

جماعت اسلامي جي ترجمان موجب جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ مُک اڳواڻن کان علاوه صوبائي اڳواڻ به شريڪ ٿيندا.

اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. مهانگائي جي خلاف جاري تحريڪ ۾ وڌيڪ تيزي ۽ شيڊول تي مشاورت ڪئي وئي. بجلي جي بلن ۾ ظالماڻي واڌ تي اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻي تي به غور ڪيو ويو. ترجمان چيو ته جماعت اسلامي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

Read Previous

ايٿليٽ ڊوڙ سان گڏ ئي عورت رانديگر کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار جو ڪري ڇڏيو

Most Popular