خورشيد شاهه بجلي جي في يونٽ ۾ 15 رپيا گهٽتائي جي تجويز ڏئي ڇڏي

پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه بجلي جي في يونٽ ۾ 15 روپيه گهٽتائي جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت في يونٽ 4 روپين تائين گهٽ ڪري سگهي ٿي پر اهو نه ٿي سگهيو، نگران حڪومت في يونٽ 15 روپيه گهٽ ڪري سگهي ٿي.

خورشيد شاهه چيو ته بجلي جي في يونٽ ۾ 15 روپيه گهٽتائي هن وقت به ممڪن آهي. ائين نه آهي ته في يونٽ ۾ گهٽتائي نٿي ٿي سگهي.

هن نوازشريف جي ملڪ واپسي بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته نوازشريف جي واپسي جو اڃان ڪوبه پروگرام نه آهي. ڇو ته سندس طبيعت صحيح نه آهي هو شايد نه اچي.

خورشيد شاهه چيو ته شهباز شريف صحيح چوندو هوندو ته نوازشريف آڪٽوبر ۾ واپس ايندو پر مان اهو چوان ٿو ته ان جي طبيعت صحيح نه آهي نواز شريف جي طبيعت ۾ اڃان تائين بهتر طريقي سان سڌارو نه اچي سگهيو آهي.

Read Previous

سنڌ جي 52 بااثر شخصيتن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل

Read Next

ايٿليٽ ڊوڙ سان گڏ ئي عورت رانديگر کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

Most Popular