پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار جو ڪري ڇڏيو

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ٽيم جمعي جي ڏينهن اٽڪ جيل ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين کان 6 ڪيسن ۾ جاچ ڪئي. ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عمران ڪشور سميت سموري جي آءِ ٽي ٽيم اڳوڻي وزيراعظم کان سوال پڇيا.

جي آءِ ٽي پڇيو ته 9 مئي جي باري ۾ اوهان طرفان چڙ ڏيارڻ جون شاهديون موجود آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين جواب ڏنو ته مان گرفتار ٿي ويو هئس، مون ڪنهن کي به فون ڪري چڙ ناهي ڏياري.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جي آءِ ٽي طرفان سوال ڪيو ويو ته اهڙيون وڊيوز ۽ ڪلپس موجود آهن جن ۾ مظاهرين اوهان جو نالو کڻندي نظر اچي رهيا آهن؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعطم جواب ڏنو ته مون ڪنهن کي به ناهي ڀڙڪايو. سڀ پنهنجي طور تي ڪنٽونمينٽ واري علائقي ۾ ويا، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين ۾ منهنجا ڪارڪن ملوث نه آهن اهي ٻيا ماڻهو هئا.

سوال ڪيو ويو ته ماڻهو ڪنٽومينٽ جي علائقي ۾ ڇو ويا هئا؟ جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين جواب ڏنو ته جنهن گرفتار ڪيو هي انهن وٽ ئي ويا، اوهان جا ماڻهو گرفتار ڪن ها ته ٿاڻن طرف وڃن ها.

جي آءِ ٽي طرفان سوال ڪيو ويو ته اوهان جا اشتهاري جوابدارن اسلم اقبال، حماد اطهر ۽ مراد سعيد سان به رابطن جون ڪجهه شاهديون مليون آهن. جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين جواب ۾ چيو ته شاهديون آهن ته رابطو ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي، اوهان کي سوال جواب ڪرڻا آهن ته منهنجي وڪيل کان ڪريو، جنهن تي جي آءِ ٽي چيو ته اوهان وڪيل کي عدالت ۾ گهرايو اسان هتي جاچ ڪرڻ آيا آهيون.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي واقعن بابت دهشتگردي جا 6 ڪيس داخل ٿيل آهن جنهن تي جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ چيئرمين کان جاچ ڪري رهي آهي.

Read Previous

بجلي جي قيمت ۾ واڌ: جماعت اسلامي جو 2 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

Read Next

مصري عورت جو بيوفا مڙس کان ڌار ٿيڻ تي جشن، سون جا تحفا ورهايا

Most Popular